چيزل شاهه

چيزل شاهه

چيزل شاهه

چيزل شاهه: مشهور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاهه پنهنجي وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاهه جو فرزند هو. سيد چيزل شاهه بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواهه ۾ 1332هه مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سندس ڏاڏنگ مان سيد عبدالغني ’سوا ڪيري‘ وارو به وڏو صاحب ولايت بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد رکيل شاهه پنهنجي فرزند سيد چيزل شاهه کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاهه وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن سيد چيزل شاهه جي عمر چوڏهن سال ٿي ته سندس شادي پنهنجي ڏاڏنگ مان ڪرائي وئي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاري ساداتن مان ڪيائين. کيس ٽن پُٽن: سيد صادق شاهه، سيد نياز حسين شاهه عرف حيدر شاهه ۽ سيد رکيل شاه عرف علي اڪبر شاهه جو اولاد ٿيو.
سيد چيزل شاهه ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شاهه شهيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. هن 21 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي طريقي جي راهه اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاهه صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاهه سجاده نشين ٿيو. چيزل شاهه درگاهه رکيل شاهه فتح پور ۾ ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ننگر جو به بندوبست ڪندو هو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندو هو. ڪو به ماڻهو وٽس ايندو هو ته ان جي مراد پوري ڪندو هو. ماڻهن جي عيب ثواب ڏي نه نهاريندو هو. ڏينهن ۾ ٽي ڪچهريون ڪندو هو ۽ صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏُک سور معلوم ڪندو هو. منجهند جو عالمن سان ڪچهري ڪندو هو. شام جو فيصلا ۽ نبيرا ڪندو هو، جڏهن ته رات جو مانيءَ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندو هو. ان بعد محفل سماع ٿيندي هئي. هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاهه جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سيد چيزل شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاهه عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاهه وانگر دم هڻي ٿو ته ڪٿي شاهه ڀٽائي، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ’بحر العميق‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. تازو ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جو ترتيب ڏنل ’بحر العميق‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ چيزل شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1404.08.15  هجري

سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد قريشي
شير محمد شيرل
الهنواز نواز رُڪڻائي
شبنم موتي
شيرل بيوس باڊاهي
شاهن باڊاهي
اياز گل
مير عبدالرسول مير ٽالپر
اويڙ پلي
ابرار ابڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون